SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Alternative World Future

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ɔːltəːnətiv
  • wəːld
  • fjuːtʃər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Alternative World Future

الٽرنيٽوِ ورلڊ فيوچر

امڪاني عالمي آئيندو

دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن ۽ پاليسين منجهان ايندڙ دور جي امڪاني منظرنگاري ۽ مستقبل ۾ عالمي سرشتي بابت ٺهندڙ خاڪن کي ، ڪُجهه تجزيي نگار”امڪاني عالمي آئيندي“ جي تصور هيٺ ڏسن ٿا. ويهين صديءَ جي آخري ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ دنيا اندر ڪيترائي مسئلا (مثال طورآباديءَ جو تيزي سان وڌڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ جو ڦهلجڻ وغيره) اڀريا. انهيءَ صورتحال کي سامهون رکندي 1972ع ۾ Club of Rome نالي هڪ اداري ”The Limits to Growth“(دنيا جو خطرن سان ڀريل مستقبل) جي ٽائيٽل سان پمفليٽ ورهايو. جنهن ۾ دُنيا جي آئيندي بابت تمام گهڻيون ڳالهيون مايوسيءَ جي بنيادن تي ڪيل هيون. 1980ع ۾ آمريڪا طرفان Hudson Institute تحت ڪيل تحقيق جي مدد سان ”Global 2000 Report“ جي عُنوان سان هڪ رپورٽ پيش ٿي، جنهن ۾ اهڙي منفي رويي جي اُبتڙ دُنيا جي بهتر مستقبل جي نشاندهي ڪئي وئي. اهڙي مستقبل لاءِ سوچيندڙ حلقا اڄ به بين الاقوامي تعلقات کي اميدن ڀري نگاهه سان ڏسن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن خيال موجب قومن جي وچ ۾ تعلقات جي بهتريءَ ۾ ڌرتيءَ جو بهتر مستقبل لڪل آهي


Remember Me Also:

آٽ

ث. [سن. آشٽَ = چِيڙُه يا ليسُ اٽي، کونئر، لئي، پڪل چاش يا ٻيءَ، ڪنهن شيءِ جو] گهاٽِي، لِڳ لِڳ دار رَسُ جا سُڪي پڄاڻا سخت ٿي وڃي، ۽ وري ڳري به سگهي جهڙوڪ ڌاتو وغيره. سختي ، ٽاٽائي ، چيڙهائي. ضد ، هوڏ ، رَڏي. آلت جي سوٽ ٿيڻ جي حالت ، انگيزُ. سُٽ جي ويڙه

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal